سچ ۽ سونهن وريام ورونهن

سچ ۽ سونهن، وريام ورونهن (ڪتاب): هي ڪتاب مشهور سگھڙ وريام فقير شيخ جي شاعري ۽ سندس حياتيءَ جي احوال تي مشتمل آهي، جنهن کي نامياري محقق ڊاڪٽر غلام نبي سڌائي مرتب ڪيو آهي. ڪتاب جو انتساب وريام فقير پنهنجي والد بزرگ مرحوم الهيار فقير شيخ جي نالي ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ ڪتاب ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جا ’ٻه اکر‘، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ’سنيهو‘، سيد صالح محمد شاهه جا ’پيش لفظ‘، ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومري جا ’ٻه اکر‘ ۽ ڪتاب جي مرتب ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جو ’مهاڳ‘ شامل آهن. ان کانپوءِ ڪتاب ۾ سگھڙ وريام فقير جي شاعري ڏنل آهي، جيڪا شاعري سگھڙائپ واري فن تي مشتمل آهي، منجھس ڏاهپ ۽ روحاني رمزن وارا نڪتا سمايل آهن. 467 صفحن تي مشتمل، رنگين ۽ پڪي جلد واري ٽائيٽل سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي ’مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور‘ جي تعاون سان سنڌ سگهڙ سالڪ ويلفيئر ايسوسيئيشن ميرپور ٻرڙي پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو